بيگاري بند

بيگاري بند: سال 1874ع ۾ سنڌوءَ جي ٻوڏ سبب جيڪب آباد ڇانوڻيءَ کي نقصان پهتو، ان کان سواءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کي به نقصان پهتو. ان وقت سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعا قائم نه ٿيا هئا. سکر شهر کي هميشه خطرو رهندو هو. ان ڪري بيگاري واهه جي مُنهن کان ڪشمور تائين ڇهه ميل مٿڀرو بند تعمير ڪيو ويو ۽ لوپ بند، سکر تائين تعمير ڪيو ويو، جيڪو 1879ع ۾ پورو ٿيو. هن بند ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي مختلف جيلن مان گهڻا قيدي گهرايا ويا هئا، جن رات ڏينهن هڪ ڪري بند ٻڌڻ ۾ مدد ڪئي هئي. انهيءَ ڪري هيءُ بندبيگاري بند“ جي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌ ۾ سال 1942ع ۾ بيگاري بند ڀڄڻ سان جيڪا ٻوڏ ٿي هئي، ان جي تفصيل لاءِ ڏسو ”ٻوڏ“ جو عنوان.
بيگاري بند ڀڄڻ: جيئن ته سنڌو درياهه ۾ هميشه اونهاري جي موسم ۾ ڪجهه وقت لاءِ پاڻي ۾ چاڙهه ايندو آهي، جنهن کي آبپاشي کاتي وارا آبڪلاڻيءَ جي موسم چوندا آهن، جيڪا هر سال مئي مهيني کان شروع ٿي آڪٽوبر مهيني جي پهرئين هفتي ۾ ختم ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن پاڻي تمام گهڻو ايندو آهي. درياهه جي ٻنهي پاسي وارن بندن تي پاڻيءَ جو گهڻو زور رهندو آهي، جنهنڪري آبپاشي کاتي جا آفيسر بندن تي پئٽرولنگ ڪرائڻ شروع ڪندا آهن ته جيئن ڪنهن به جاءِ تان بند کي ڪوبه گهارو نه پوي ۽ سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي پاسن کان ڪوبه ٻوڏ جو مسئلو نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ اچڻ ڪري گهڻو نقصان ٿيندو آهي. سال 1942ع ۾ به اهڙوئي بندوبست ٿيل هو. بندن تي پئٽرولنگ ٿي رهي هئي، مگر اوچتو 21 جولاءِ 1942ع تي سکر ضلعي جي چڪ شهر کان درياهه جي ساڄي پاسي واري بند کي هڪ گهارو پئجي ويو. پهريائين ته ان وقت جي انجنيئرن گهڻي ڪوشش ڪئي ته ان گهاري کي بند ڪجي، مگر هيءُ گهارو ڪنهن ننڍي واهه کي ڪونه لڳو هو جو اهو هڪدم بند ٿئي. 1942ع ۾ اهڙو جديد مشينري دور به ڪونه هو، جو انهن کي استعمال ڪجي. آخر گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ سڀ آفيسر ماٺ ڪري ويهي رهيا. آخر درياهه جو گهارو هو! درياهه ۾ ان وقت پاڻي به گهڻو اچي ويو هو، جنهنڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. سنڌ جي ساڄي پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ٻوڏ اچڻ جو خطرو ٿيو ۽ گهڻو هراس پکڙجي ويو. پاڻي گهڻي زور سان وهڻ شروع ٿي ويو، ايتري قدر جو درياهه جو اڌ پاڻي هن گهاري مان وهي هليو. تڏهن سنڌو درياهه تي صرف هڪ بئراج ٺهيل هو، جيڪو سکر بئراج هو، جنهن ڪري درياهه جو سمورو پاڻي، مُنڍ کان وٺي سکر تائين ايندو هو. ان کي مٿي ڪابه رڪاوٽ ڪانه هئي. سنڌ جي ساڄي پاسي وارن سڀني شهرن ۽ ڳوٺن لاءِ ٻوڏ جو خطرو ٿي ويو. هرهڪ ماڻهو بچاءَ خاطر لڏپلاڻ ۾ شروع ٿي ويو. ٻوڏ جو پاڻي اتر طرف درياهه مان نڪرندڙ سنڌو واهه سان وڃي لڳو ۽ ڏکڻ طرف، سکر بئراج مان نڪرندڙ ٽن واهن دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال سان وڃي لڳو. انهيءَ وچ ۾ جيڪي به ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شهر هئا، ٻوڏ هيٺ اچي ويا. لکي غلام شاهه به ٻڏي ويو. باگڙجي شهر ڀرسان، ٽنهي مٿين واهن کي هٿرادو گهارا ڏنا ويا ته جيئن پاڻي واپس درياهه ۾ وڃي، پر ان ۾ به ايتري گهڻي ڪاميابي نه ٿي ۽ پاڻيءَ جو زور اولهه طرف گهڻو ٿي ويو؛ يعني شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين طرف ريلوي لائين، جيڪا رڪ جنڪشن کان سکر ويندي هئي، ٻوڏ هيٺ اچي وئي ۽ رڪ کان جيڪب آباد- ڪوئيٽا طرف ويندڙ ريلوي لائين به ٻوڏ هيٺ اچي وئي، جنهن ڪري روهڙيءَ کان ڪوئيٽا ۽ لاڙڪاڻي طرف ريلوي گاڏين جو هلڻ بند ٿي ويو. ٻوڏ کان پوءِ رڪ جنڪشن ريلوي اسيشن کي بند ڪري 1946ع ۾ سکر کان سڌي نئين ريلوي لائين ٺاهي، حبيب ڪوٽ کي جنڪشن اسٽيشن ڪيو ويو، جيڪا اڄ تائين موجود آهي.
ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال جي وچ ۾ وهي رهيو هو، جيڪو ويڪر ۾ اٽڪل 15 ميل هو. ان وقت جي آفيسرن، سياسي ليڊرن ۽ شهري ماڻهن شڪارپور جي شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. سنڌ واهه شڪارپور شهر کان ڏکڻ طرف ٻه ميل پري آهي، جنهن ڪري سنڌ واهه جا ڪپر مضبوط ڪيا ويا ۽ شڪارپور جو شهر ٻڏڻ کان بچي ويو. کيرٿر ڪئنال، جنهن کي N.W ڪئنال به چوندا آهن، ٻين ٻن واهن، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال کان رڪڻ جي ڳوٺ کان الڳ ٿي، اتر طرف يعني ڳڙهي ياسين شهر کان گذري، صوبي بلوچستان ۾ ويندو آهي. رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال، سکر کان اولهه طرف ويندا آهن. رڪڻ کان کيرٿر ڪئنال مان هڪ ٻيو وڏو واهه، وارهه برانچ نڪرندو آهي، جيڪو اولهه طرف مدئجي، بنگل ديري، ميري خان، حاڪم شاهه پٽ واري جي درگاهه کان دوست علي ۽ وارهه شهر ڏانهن ويندو آهي. جنهن وقت ٻوڏ جو پاڻيءَ سنڌ ڪئنال سان وهي رهيو هو ۽ شڪارپور جو شهر ٻوڏ کان بچي ويو ته ان کان پوءِ وري ڳڙهي ياسين شهر کي خطرو ٿيو، پر جيئن ته سنڌ واهه اوڀر کان اولهه طرف اچي ٿو ۽ ان جي پڇڙيءَ مان هڪ ٻيو مونگر واهه نڪري ٿو، اهو به اولهه طرف وهندو آهي ۽ اهو واهه ڳڙهي ياسين شهر کان ڏکڻ طرف ٻه ميل پري آهي، جنهن ڪري ڳڙهي ياسين وارن پٺاڻ زميندارن ۽ هندو سيٺين ان مونگر واهه کي مضبوط جهليو ۽ کيرٿر ڪئنال کي مونگر واهه کان ڏکڻ طرف وڏا ڪٽ ڏنا، جنهن ڪري پاڻيءَ کي رستو ملي ويو ۽ ان بعد پاڻي رتيديري، ڊکڻ، ميري خان ۽ شهدادڪوٽ طرف رخ ڪيو. انهيءَ وچ ۾ جيڪي به ڳوٺ ۽ ماڻهن جا فصل هئا، اهي سمورا ٻوڏ هيٺ اچي ويا. اُتي جا ماڻهو لڏي، بچاءَ وارن هنڌن تي وڃي ويٺا. ٻوڏ جو پاڻي، هاڻي ڏکڻ وارهه ڪئنال سان هو ۽ اتر طرف شهدادڪوٽ برانچ سان وڃي لڳو، جيڪو ويڪر ۾ اٽڪل 20 ميل مفاصلو هو. جيئن ته پاڻيءَ جو وهڪرو تيز هو، ان ڪري ننڍا وڏا شهر، ڳوٺ ۽ زمينون ٻوڙيندو، شهدادڪوٽ شهر ڏانهن وڃي رهيو هو. هر طرح جي آمدرفت بند ٿي وئي. ريل گاڏيون يا لاريون، جيڪي ڪچن رستن سان هلنديون هيون، سي پڻ بند ٿي ويون. هرهڪ ماڻهو پريشان ۽ سر بچائڻ ۾ لڳو پيو هو. ٻوڏ جي پاڻيءَ، ڊکڻ شهر ۽ رتيديري کي ٻوڙي، ميري خان، بهرام ۽ شهداڪوٽ کي وڃي ٻوڙيو. اهي ته هئا وڏا شهر، باقي انهيءَ ٻوڏ ۾ تمام گهڻا ننڍا ڳوٺ اچي ويا هئا. لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد ريلوي لائين به بهرام ۽ شهدادڪوٽ جي وچ ۾ ٻڏي وئي، جنهن ڪري آمدرفت لاءِ اهو رستو به بند ٿي ويو. شهر جي اتر اولهه طرف واريءَ جون وڏيون ڊٻون هيون، جنهن ڪري شهدادڪوٽ شهر جو اهو پاسو ٻوڏ کان بچي ويو. باقي شهر جو 75 سيڪڙو ٻڏي ويو هو. شهدادڪوٽ شهر کان پوءِ وري پاڻيءَ جو رخ ڏکڻ طرف ٿيو، جو زمين جو لاهه انهيءَ طرف آهي. چڪ شهر کان شهدادڪوٽ شهر تائين پاڻيءَ جو رُخ اولهه طرف هو ۽ هاڻي وري هتان رخ تبديل ڪري ڏکڻ طرف ٿيو؛ يعني وارهه، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه، دادو، جوهي، سيد آباد'>ڀان سيد آباد ۽ بوبڪ طرف. جيئن ته پاڻي اتر طرف، شهدادڪوٽ شهر تائين هو ۽ ڏکڻ طرف هاڻي قنبر شهر کان ٻه ميل پري نورواهه سان اچي لڳو. بهرام شهر ۽ ريلوي اسٽيشن ٻوڏ ۾ هئي. قنبر شهر جي زميندارن ۽ ٻين ماڻهن نورواهه جو بند جهليو، جنهن ڪري قنبر شهر ٻڏڻ کان بچي ويو ۽ هاڻي پاڻي دوست علي کي ٻوڙي، وارهه طرف وهڻ شروع ڪيو. وارهه جي شهر کي به وڏو بند ٻڌايو ويو، جنهن ڪري اهو شهر به بچي ويو. ان بعد پاڻي وارهه کان گاجي کهاوڙ وارو رستو ٻوڙي، گاجي کهاوڙ طرف روانو ٿيو. گاجي کهاوڙ شهر کان اولهه طرف بچاءَ بند حمل شهر وٽ آهي؛ پاڻي وڃي ان سان لڳو. اتي، انهيءَ جاءِ کان پاڻيءَ جي ويڪر ويهه ميل هئي. گاجي کهاوڙ جو شهر ٻڏي ويو. هتان جا هندو ۽ مسلمان لڏي ويا. ڪيترا ماڻهو پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ زمينن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. گهڻا ماڻهو ان ۾ ڪامياب به ويا ۽ انهن پنهنجا ڳوٺ ۽ فصل وغيره بچائي ورتا، انهن مان وارهه تعلقي مان وڏيرو محمد عالم خان ڦلپوٽو، سردار علي محمد خان ڪانڌڙو، حاجي غلام نبي خان جلباڻي ۽ وڏيرو احمد خان ڏيپر شامل هئا. انهن ماڻهن وڏي همٿ ڪئي ۽ پاڻيءَ کي بند ٻڌرائي پنهنجو بچاءُ ڪيو. انهن جا ڳوٺ ۽ فصل ٻوڏ کان محفوظ رهيا. ٻوڏ جي پاڻيءَ جو رخ هاڻي ڏکڻ طرف يعني ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه، ڪڪڙ، دادو ۽ جوهيءَ طرف هو. انهيءَ وچ ۾ جيڪي وڏا يا ننڍا واهه ۽ بند آيا، انهن کي گهارا ڏيئي پاڻيءَ کي رستو ڏنو پئي ويو. ٻيٽي جي جتوئي زميندارن ۽ ميهڙ جي هندو سيٺين، ڇيڙون وٺي وڏا بند ٻڌائي، ميهڙ شهر کي ٻُڏڻ کان بچايو. هاڻي خيرپورناٿن شاهه طرف پاڻيءَ جو زور هو ۽ پاڻي خيرپور ناٿن شاهه، ٻورڙي، خانپور ۽ ڪڪڙ جا شهر ٻوڙيندو پئي ويو. هتي به اوڀر کان اولهه طرف پاڻيءَ جي ويڪر 18- 20 ميل هئي. انهيءَ وچ ۾ جيڪي به ننڍا وڏا ڳوٺ آيا، اهي سڀ ٻڏي ويا. حڪومت دادوءَ شهر کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ضلعي هيڊڪوارٽر جو شهر هو. شهر کي اولهه طرف کان وڏو بند ڏنو ويو ۽ دادوءَ جو شهر ٻڏڻ کان بچي ويو. دادوءَ کان اولهه طرف جوهي شهر تائين پاڻي هو. جوهي شهر جي اولهه طرف بچاءُ بند آهي، ان بند سان پاڻي وڃي لڳو. جوهيءَ جو شهر ٻڏي ويو ۽ هاڻي پاڻيءَ جو رُخ بوبڪ شهر ڏانهن هو. پاڻي، ڀان سعيد آباد ۽ ڳوٺ ميرمحمد سهڙو ٻوڙي وڃي بوبڪ شهر سان لڳو. بختيارپور، آراضيءَ جو شهر، بوبڪ ريلوي اسٽيشن ۽ ٽنڊو شهبازي ٻڏي ويا. پاڻيءَ جو رُخ ان بعد وري اتان اوڀر طرف درياءُ ڏانهن ٿيو، ڇاڪاڻ ته اتان ڏکڻ طرف پهاڙي علائقو هو، جيڪو مٿي هو، ان ڪري پاڻي ٽلٽيءَ ۽ ڪرم پور جا ڳوٺ ٻوڙي وڃي واپس درياهه ۾ پيو. اتان به دادو- ڪوٽڙي ريلوي لائين جو بند ٻڏي ويو، جنهن ڪري گاڏين جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو. ريلوي بند کي وڏا گهارا پئجي ويا، جتان به پاڻي ريلوي لائين کي نقصان ڪيو. بعد ۾ انهن هنڌن کان ريلوي کاتي وارن ريلوي بند ۾ وڏيون ڊگهيون پليون ٺهرائي ڇڏيون، جيڪي هن وقت به ٽنڊي شهبازيءَ جي ڀرسان آهن. اهڙيءَ طرح درياهه جي ٻوڏ جو پاڻي، چڪ شهر کان 21 جولاءِ 1942ع تي هلي اولهه ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا ٻوڙي، آڪٽوبر 1942ع جي پهرئين هفتي ۾ وڃي ساڳيو ٽلٽيءَ جي شهر کان سيوهڻ ڀرسان درياهه ۾ پيو. ان سال ساريالو فصل ٻوڏ هيٺ اچي ويو هو؛ گهر ڊهي پيا هئا؛ شهر ۽ ڳوٺ خالي ٿي ويا هئا، جنهن ڪري هرهڪ ماڻهوءَ کي، ڀلي اهو زميندار هو، يا هاري، وڏو نقصان ٿيو.


لفظ بيگاري بندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1847.00.00  عيسوي

بيگاري بند: سال 1874ع ۾ سنڌوءَ جي ٻوڏ سبب جيڪب آباد ڇانوڻيءَ کي نقصان پهتو ، ان کان سواءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کي به نقصان پهتو . ان وقت سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعا قائم نه ٿيا هئا .


1879.00.00  عيسوي

بيگاري واهه جي مُنهن کان ڪشمور تائين ڇهه ميل مٿڀرو بند تعمير ڪيو ويو ۽ لوپ بند ، سکر تائين تعمير ڪيو ويو ، جيڪو 1879ع ۾ پورو ٿيو . هن بند ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي مختلف جيلن مان گهڻا قيدي گهرايا ويا هئا


1942.00.00  عيسوي

سنڌ ۾ سال 1942ع ۾ بيگاري بند ڀڄڻ سان جيڪا ٻوڏ ٿي هئي ، ان جي تفصيل لاءِ ڏسو ” ٻوڏ “ جو عنوان .


1942.07.21  عيسوي

اوچتو 21 جولاءِ 1942ع تي سکر ضلعي جي چڪ شهر کان درياهه جي ساڄي پاسي واري بند کي هڪ گهارو پئجي ويو .


1942.10.07  عيسوي

اهڙيءَ طرح درياهه جي ٻوڏ جو پاڻي ، چڪ شهر کان 21 جولاءِ 1942ع تي هلي اولهه ۾ شڪارپور ، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا ٻوڙي ، آڪٽوبر 1942ع جي پهرئين هفتي ۾ وڃي ساڳيو ٽلٽيءَ جي شهر کان سيوهڻ ڀرسان درياهه ۾ پيو .



درياھ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيگاري بند
چشمه بئراج
ريڻ درياهه
ڄئيرو
اباسين
ٻنڍو
ٻار (هنڌ)
ڄرڪو (Wallago Attu)
بهار جو ديرو
تڙ 4
درياھ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون